آڏت / آڍاٽ جو دڙو

آڏت / آڍاٽ جو دڙو: هي ماڳ جي ′270◦190 اتر ويڪرائي ڦاڪ ′٦٨ ◦٠١ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ، باڊھ شھر کان ڏکڻ اولهه ھڪ ڪلوميٽر ضلعي لاڙڪاڻي، ميھڙ- باڊهه رستي تي آهي. ھڙاپا دور جو هي ماڳ دڙي جي صورت ۾ آھي. مسٽر ڊڪشت ١٩٢٥ ۽ مسٽر مجمدار ٢٨- ١٩٢٧ ۾ کوٽائي ڪئي. ھتان اڏاوتن جا نشان ڪونه مليا آھن. ڪي وٿون مليون آھن، جيئن عقيق جا مڻڪا، ٺڪراٺو، ٺڪر تي ڪتي جي تصوير وغيره. ھي ماڳ ھڙاپا دور جو ليکجي ٿو. ھي دڙو ٢٠ فوٽ اوچو آھي. ٺڪر چٽيل مليو آھي. ٽامي جي تار ۽ آر، ٺڪر جون چوڙيون ۽ ٺڪر جون مورتيون ملن ٿيون. تازي قبرستان جا نشان به آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو